زنگيجو، عنايت الله

زنگيجو، عنايت الله

عنايت الله زنگيجو

عنايت الله زنگيجو : مشهور اديب حاجي عنايت الله زنگيجو، 1937ع ڌاري ٽنڊي باگي ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ٽالهي اولڊ مسلم اسڪول، تعلقي عمرڪوٽ مان ورتائين. ساڳئي اسڪول ۾ 1953ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. انهيءَ اسڪول جي هيڊ ماستر مرحوممحمد امين چانڊئي کان اسلامي تعليم ۽ عربي فارسي زبانن جي چڱيءَ واقفيت حاصل ڪيائين.ايس. وي فاضل، ايم. اي ۽ پي. ٽي جا امتحان پاس ڪري پهرين پوزيشن کنيائين. سندس پهريون ڪتاب ’لاڙاين جون لاتيـون‘ 1970ع ۾ شايع ٿيو جو نه فقط اسڪولن ۽ ڪاليجن سميت يونيورسٽي ڪورس (ايم. اي. فائنل) لاءِ به منظور ٿيو. هي والي بال جو به سٺو رانديگر آهي. کيس اسلامي تعليم سان شروع کان وٺي دلچسپي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سٺو مولود خوان قرآن پاڪ جو قاري پڻ آهي. هيءُ ريڊيي تي آرٽسٽ طـور به ڪم ڪندو رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾:’مـرد مـؤمـن‘ قــاضــي سلطان جي سوانح عمري (1973ع) ۾ اسلامي تعليم تي مبني هڪ ڪتاب ’ايمانيات‘ جو سنڌيڪار پڻ آهي. جنهن جو اصل ليکڪ مفتي ڪفايت الله آهي. هن ڪتاب جو اردو ترجمو دعوة اڪيڊمي 1987ع ۾ ڇپايو. عنايت الله زنگيجو سنڌ جي ناميارن استادن ۾ شمار ٿئي ٿو. هو پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ وڏو عرصو استاد رهيو. هن وقت رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪائونٽي گرلس ڪاليج ۽ ٻين خانگي ادارن ۾ پڙهائيندو آهي. ڪجهه عرصي لاءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سنڌي ڪلاسن ۾ اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌي پڙهائي اٿس.: مشهور اديب حاجي عنايت الله زنگيجو، 1937ع ڌاري ٽنڊي باگي ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ٽالهي اولڊ مسلم اسڪول، تعلقي عمرڪوٽ مان ورتائين. ساڳئي اسڪول ۾ 1953ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. انهيءَ اسڪول جي هيڊ ماستر مرحوممحمد امين چانڊئي کان اسلامي تعليم ۽ عربي فارسي زبانن جي چڱيءَ واقفيت حاصل ڪيائين.ايس. وي فاضل، ايم. اي ۽ پي. ٽي جا امتحان پاس ڪري پهرين پوزيشن کنيائين. سندس پهريون ڪتاب ’لاڙاين جون لاتيـون‘ 1970ع ۾ شايع ٿيو جو نه فقط اسڪولن ۽ ڪاليجن سميت يونيورسٽي ڪورس (ايم. اي. فائنل) لاءِ به منظور ٿيو. هي والي بال جو به سٺو رانديگر آهي. کيس اسلامي تعليم سان شروع کان وٺي دلچسپي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سٺو مولود خوان قرآن پاڪ جو قاري پڻ آهي. هيءُ ريڊيي تي آرٽسٽ طـور به ڪم ڪندو رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾:’مـرد مـؤمـن‘ قــاضــي سلطان جي سوانح عمري (1973ع) ۾ اسلامي تعليم تي مبني هڪ ڪتاب ’ايمانيات‘ جو سنڌيڪار پڻ آهي. جنهن جو اصل ليکڪ مفتي ڪفايت الله آهي. هن ڪتاب جو اردو ترجمو دعوة اڪيڊمي 1987ع ۾ ڇپايو. عنايت الله زنگيجو سنڌ جي ناميارن استادن ۾ شمار ٿئي ٿو. هو پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ وڏو عرصو استاد رهيو. هن وقت رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪائونٽي گرلس ڪاليج ۽ ٻين خانگي ادارن ۾ پڙهائيندو آهي. ڪجهه عرصي لاءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سنڌي ڪلاسن ۾ اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌي پڙهائي اٿس.


لفظ عنايت الله زنگيجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو